Hyper Learning ڇا آهي؟

ڪو دؤر هيو ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا پنڌ ڪري استادن وٽ پهچبو هو. تنهنکان پوءِ استاد اڳيان ثابت ڪرڻو پوندو هيو ته سندس شاگرد واقعي علم جو طلبگار ۽ اهل آهي. بلاخر جڏهن استاد مطمئن ٿيندو هيو ته مذڪوره شاگرد کي علم سيکارڻ واقعي لاڀائتو آهي ته پوءِ وڃي شاگرد کي ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو هو. اُن دؤر ۾ علم کي ڪتابي يا انساني ياداشت ۾ محفوظ ڪرڻ ڏکيو ڪم هيو، تنهنڪري استاد پنهنجيون خدمتون چاهيندا هئا ته رائگان نه وڃن ۽ سکندڙ جي نظر ۾ سندس سيکاريل علم جي قدر ۽ قيمت وڌي. پر اڄ اسين جنهن ڄاڻ سان ڀريل معاشري ۾ رهون پيا تنهن ۾ شايد ڪي اهڙا سڌڙيا استاد ته ملي وڃن جيڪي پنهنجو هنر ائين لڪائيندا هجن پر اهڙا شاگرد ملڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي جيڪي استادن جا سئو نخرا سهڻ کانپوءِ ڪجهه سکڻ لاءِ راضي هجن.

مٿان اچي پهتي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جنهنجي ذريعي علم حاصل ڪرڻ اڃان وڌيڪ آسان بڻجي ويو. هاڻي مسئلو اهو بچيو ته آخر ان ڪمپيوٽر بلا سان ڪيئن منهن ڏجي يا اڃان وري ڪنهن استاد جي ڪڍ لڳجي. هلو ڀلا ڇا ياد ڪندا توهان کي بغير ڪو نخرو ڪرڻ جي ٻڌايون ٿا ته ڪمپيوٽر تي علم حاصل ڪيئن ڪجي يعني هائپرلرننگ ڪئين ڪجي. اصل ۾ اُها تعليم جيڪا ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي يا هائپرميڊيا جي ذريعي ممڪن ٿي سگهي آهي اُنکي هائپر لرننگ چئجي ٿو. اڄڪلهه اسين انٽرنيٽ جي هر ويب صفحي تي ڪجهه لنڪس ڏسندا آهيون جن تي ٺڙڪ ڪري اسين ڪنهن ٻئي ويب صفحي تي پهچندا آهيون، جتي اڳ ۾ ئي ڪجهه ٻيون لنڪس موجود هونديون آهن. هنن لنڪس کي هائپرلنڪس چئبو آهي ۽ انهنجي اندر موجود اکرن يا ٽيڪسٽ کي هائپر ٽيڪسٽ چئجي ٿو، ۽ جيڪڏنهن لنڪس تصوير يا وڊيو يا ڪنهن ٻي ميڊيا جي شڪل ۾ آهي ته اُن کي هائپرميڊيا سڏبو.

هائپرلنڪس کي منهنجي خيال ۾ بهتر طريقي سان ونڊوز اندر هيلپ فائيلس ۾ سڀ کان پهريان استعمال ڪيو ويو. اڄڪلهه هنجو شاندار مثال وڪيپيڊيا جي ويب سائيٽ آهي. هائپر ٽيڪسٽ جي طريقي کي عروج تي پڄائڻ ۾ ٽم برنيس لي جو هٿ آهي. جنهن هائپر ٽيڪسٽ ٽرانسفر پروٽوڪول ذريعي انٽرنيٽ جا بنياد واضع ڪيا. جنهن کانپوءِ هن ڊيٽا ذريعي ياهو سرچ انجڻ انٽرنيٽ کي سهيڙيو پر اتي مسئلو پيش آيو ته ڪهڙي سرچ نتيجي کي اوليت ڏجي جنهنکي پڻ ساڳي ئي هائپر ٽيڪسٽ واري ڊيٽا کي استعمال ڪندي ليري پيج ۽ سرجي برن پنهنجي آرٽيڪل ۾ حل ڪري ۽ گوگل جهڙي ڪامياب سرچ انجڻ ٺاهي. اسان وٽ هي جيڪا اڄ جي گوگل آهي اِها اسانجي هائپر لرننگ واري عمل ۾ سڀ کان وڏو اوزار آهي. هيٺ ڪجهه قدم هائپرلرننگ سکڻ لاءِ ڏنل آهن.

هائپر لرننگ جو پهريون قدم : سرچ ڪريو.


سرچ ڪريو ۽ بار بار سرچ ڪريو جيڪو به اوهان سکڻ چاهيو ٿا سرچ ڪريو اهو ڇا آهي، اهو ڪيئن سکجي ۽ اهو ڪٿان سکجي وغيره وغيره. مثال طور اوهان پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهڻ چاهيو ٿا ته هي سوال لکي گوگل ۾ سرچ ڪريو.
How to build a website
What is a best way to launch a website
What is website
Where is website loaded
Define website
سرچ ڪرڻ وقت توهان هڪ ئي لفظ يا جملي تائين محدود نه رهو بلڪه جيڪي به ممڪنات آهن انهن سڀني تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريو. گوگل اندر ايڊونسڊ يا ڳوڙهي ڳولا جا اوزار به استعمال ڪريو. هاڻي ڪنهن به هڪ سرچ کانپوءِ سوين يا هزارين صفحن تي مشتمل نتيجن جو پهريون پنو اوهان جي اڳيان اچي ٿو. اتي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته نتيجن ۾ سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل نتيجو پهريان اچي ٿو ۽ گهٽ لاڳاپيل نتيجو بعد ۾ اچي ٿو. پر ضروري ناهي ته پهريون نتيجو اوهانجي ڪم جو هجي پر شروعاتي ڪجهه صفحن جي هر رزلٽ کي کولي اُنتي هڪ سرسري نگاه وجهي ڇنڊڇاڻ ڪري وٺو ته آيا هي صفحو پڙهجي يا نه ان طريقي سان ڪجهه ويب صفحا يا وڊيو لنڪس شارٽ لسٽ ڪري وٺو ۽ اتان ڪجهه نه ڪجهه سکي وٺو. ائين تمام سرچ جملن جي مليل شروعاتي نتيجن سان ڪريو. هن طريقي ۾ گهرائي سان پڙهڻ پاڻ کي ڀٽڪائڻ برابر آهي. تنهنڪري اختصار سان لکيل ۽ اوهانجي مسئلي مطابق لکيل شين کي پڙهو. هاڻي هي ڏسڻ ۾ ته سولو لڳي ٿو پر آهي تمام اڙانگو ڇو ته انهن ويب صفحن تي لکيل ڪجهه لفظ ته اوهانکي ايندا هوندا پر ڪجهه نه ايندا هوندا ۽ اوهانجي سامهون نوان نوان سبجيڪٽ ۽ نالا به سامهون ايندا هوندا. ته هاڻي ضرورت آهي ٻئي قدم کڻڻ جي.

ٻيون قدم: سرچ ڪريو


جي ها هائپر لرننگ جو ٻيون قدم به آهي سرچ ڪريو. توهان سرچ ڪريو اُهي لفظ جن جي معني اوهان کي نٿي اچي ۽ انهنجي معني ڏسي وٺو. گوگل ۾ ڪنهن به لفظ کان پهرين define لکي سرچ ڪرڻ سان ان لفظ جي لغتن ۾ آيل معنائون اچي وڃن ٿيون. مثال طور اوهان ويب سائيٽ ٺاهڻ جي سلسلي ۾ سامهون آيل ڪجهه ڏکيا لفظ سرچ ڪريو.
Define web hosting
Define website domain
What is html
What is php
What is web page editor
How to make my website beautiful
هاڻي انهن سرچ نتيجن جي به ساڳي طريقي سان جلدي ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪريو ۽ ڪجهه نه ڪجهه سکي اڳتي وڌو. هن جڳهه تي اوهانکي ضرورت آهي صفحن جو تت ڪڍي ۽ پنهنجي ضرورت وارين ڳالهين کي پڙهڻ ۽ سکڻ جي. جيڪي نوان سوال اوهان جي ذهن ۾ ايندا وڃن ٿا اهي به سرچ ڪندا هلو. ۽ سکندا هلو. ڪجهه سکي ان کانپوءِ انهن سکيل شين جو پريڪٽيڪل ڪري ڏسو، جي اوهان ويب سائيٽ ٺاهڻ سکي آهي ته انجو تجربو ڪري ڏسو جي تجربي ڪندي مطلوبه مقصد حاصل نه ٿي رهيو آهي يا ڪو ايرر اچي رهيو آهي ته هاڻي کڻو ٽيون قدم.

ٽيون قدم : سرچ ڪريو 


جي ها هاڻي سرچ ڪريو ته اها جيڪا غلطي يا مسئلو پيش اچي رهيو آهي، انکي ڪيئن حل ڪجي يا اهو مسئلو ڇو اچي رهيو آهي. پهرين قدم ۾ اسان ميڪرو ليول تي مسئلي جو حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا پر ٽئين قدم ۾ اسين بلڪل مائڪرو ليول تي پهچي ويندانسين. هي ته هيون ڪجهه ڳالهيون هائپرلرننگ ذريعي سکڻ جون پر اوهانکي جي ڪمپيوٽر تي ڪجهه سيکارڻو پئجي وڃي ته اُن لاءِ به اوهان هائپر لرننگ استعمال ڪري سگهو ٿا. مثال طور پريزينٽيشن ۽ بلاگ ٺاهڻ لاءِ سرچ ڪريو
How to create a presentation
What is best presentation software
What is best blog
How to create blog

هڪ ضروري ڳالهه


ڪجهه به هجي پوءِ به هڪ سٺي استاد جي جڳهه والارڻ ڪو آسان ڪم نه آهي. سرچ انجڻ جي ٻڌايل جواب ۽ هڪ سٺي استاد جي ٻڌايل جواب ۾ زمين آسمان جو فرق هجي ٿو ۽ سرچ انجڻ به انٽرنيٽ ذريعي دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن استاد جو ٺاهيل ويب صفحو اوهانجي جهولي ۾ ڦٽو ڪري ٿي. هائپر لرننگ کي مان پاڻ هڪ وڏي عرصي کان بطور پرابلم سالونگ ٽول طور استعمال ڪري رهيو آهيان پر صرف انهن شين لاءِ جن شين کي سکڻ لاءِ مون وٽ هڪ سٺو استاد نه هيو. پر ڪاش انهن سوالن جا جواب جيڪڏهن ڪنهن سٺي استاد کان سکان هان ته تمام جلد ۽ بهتر نموني سکي وڃان هان.

۽ ٻي ضروري ڳالهه


ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته انٽرنيٽ تي اربين ويب صفحا آهن پر پوءِ به انٽرنيٽ تي هر شئي جو علم موجود نه آهي يا ڪن شين جو تمام ٿورو علم موجود آهي. سکڻ سان گڏوگڏ ڪجهه شيون سيکارڻ لاءِ به اسان کي انٽرنيٽ جهڙي ذريعي جو استعمال ڪرڻ گهرجي.

احمد علي مڱريو

15 ڊسمبر 2012

8 comments:

  1. سائين تمام سٺو لکيو اٿو۔ واقعي انٽرنيٽ اسان کي سکڻ جا انمول ۽ اڻ کُٽ موقعا فراهم ڪري رهيو آهي۔ هاڻي اهو اسان تي آهي ته انٽرنيٽ جو استعمال ڪيئن ٿا ڪيون۔

    ReplyDelete
    Replies
    1. بلڪل صحيح ڳالهه آهي ته اهو اسان تي آهي ته اسين انٽرنيٽ کي ڪيئن استعمال ڪريون ٿا.

      Delete
  2. انتهائي ڪارآمد آرٽيڪل. اوهان جو سمجهائڻ جو انداز شاندار آهي. نئون موضوع سيکارڻ لاءِ ٿورا...

    ReplyDelete
  3. مهرباني سائين

    ReplyDelete
  4. سائين احمدعلي اوهان تمام ڪارائتيون ڳالهيون انتهائي سولائي ۽ مؤثر انداز ۾ ڪرڻ جا ماهر آهيو. حقيقت ۾ اهائي هڪ سٺي استاد جي خوبي هوندي آهي، جنهن سان اوهان مالا مال آهيو. دلبر مون کي اوهان جي هي پوسٽ پڙهڻ ۾ ڪجھ دير ته ٿي ويئي پر بقول شاعر جي ته دير لگي آني مين تجھ ڪو شڪر هي پهر بهي آئي تو.....سائين اوهان اها ڪرت جاري رکو اميد ته پاڻ سڀ گڏجي پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ پنهنجي شاگردن، يا پڙهيل لکيل دوستن کي ڪجھ نه ڪجھ ڏيندا رهنداسين. ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي.....

    ReplyDelete
  5. تمام بهترين لکڻي آهي سائين

    ReplyDelete