ورڊپريس بلاگ کي بلاگر بلاگ تي ڪيئن منتقل ڪجي؟

ورڊپريس جو بلاگنگ سافٽويئر بغير ڪنهن شڪ جي دنيا جو پهريون نمبر بلاگنگ سافٽويئر پليٽفارم آهي جنهنجي ڪري اسان جا ڪيترائي دوست پهريائين ورڊپريس ڊاٽ ڪام تي پنهنجا سنڌي بلاگ هلائي رهيا آهن. پر جيئن ته ورڊپريس فونٽ يا سي ايس ايس ڪسٽمائيزيشن بغير پئسا وٺڻ جي نٿو ڪرڻ ڏئي. ۽ ٻئي طرف بلاگر ڊاٽ ڪام جڏهن کان گوگل وارن خريد ڪيو آهي ته هِن تي به ورڊپريس جهڙا فيچرس جلد کان جلد پهچندا ويا آهن. ۽ اڃان وڌيڪ گوگل وارن سخاوت جو مظاهرو ڪندي ڪسٽمائيزيشن به بلڪل مفت رکي آهي جنهنجي ڪري بلاگر کي معياري سنڌي فونٽ تي آڻڻ ڪو مسئلو نه رهيو آهي. جي اوهان جو بلاگر تي بلاگ نه آهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي بلاگنگ سکيا واري فورم تي ڦيرو ڀري بلاگ ٺاهڻ ۽ اُن ۾ سنڌي ٽيمپليٽ لڳائڻ بابت ڄاڻي سگهجي ٿو.