Hyper Learning ڇا آهي؟

ڪو دؤر هيو ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا پنڌ ڪري استادن وٽ پهچبو هو. تنهنکان پوءِ استاد اڳيان ثابت ڪرڻو پوندو هيو ته سندس شاگرد واقعي علم جو طلبگار ۽ اهل آهي. بلاخر جڏهن استاد مطمئن ٿيندو هيو ته مذڪوره شاگرد کي علم سيکارڻ واقعي لاڀائتو آهي ته پوءِ وڃي شاگرد کي ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو هو. اُن دؤر ۾ علم کي ڪتابي يا انساني ياداشت ۾ محفوظ ڪرڻ ڏکيو ڪم هيو، تنهنڪري استاد پنهنجيون خدمتون چاهيندا هئا ته رائگان نه وڃن ۽ سکندڙ جي نظر ۾ سندس سيکاريل علم جي قدر ۽ قيمت وڌي. پر اڄ اسين جنهن ڄاڻ سان ڀريل معاشري ۾ رهون پيا تنهن ۾ شايد ڪي اهڙا سڌڙيا استاد ته ملي وڃن جيڪي پنهنجو هنر ائين لڪائيندا هجن پر اهڙا شاگرد ملڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي جيڪي استادن جا سئو نخرا سهڻ کانپوءِ ڪجهه سکڻ لاءِ راضي هجن.