ورڊپريس بلاگ کي بلاگر بلاگ تي ڪيئن منتقل ڪجي؟

ورڊپريس جو بلاگنگ سافٽويئر بغير ڪنهن شڪ جي دنيا جو پهريون نمبر بلاگنگ سافٽويئر پليٽفارم آهي جنهنجي ڪري اسان جا ڪيترائي دوست پهريائين ورڊپريس ڊاٽ ڪام تي پنهنجا سنڌي بلاگ هلائي رهيا آهن. پر جيئن ته ورڊپريس فونٽ يا سي ايس ايس ڪسٽمائيزيشن بغير پئسا وٺڻ جي نٿو ڪرڻ ڏئي. ۽ ٻئي طرف بلاگر ڊاٽ ڪام جڏهن کان گوگل وارن خريد ڪيو آهي ته هِن تي به ورڊپريس جهڙا فيچرس جلد کان جلد پهچندا ويا آهن. ۽ اڃان وڌيڪ گوگل وارن سخاوت جو مظاهرو ڪندي ڪسٽمائيزيشن به بلڪل مفت رکي آهي جنهنجي ڪري بلاگر کي معياري سنڌي فونٽ تي آڻڻ ڪو مسئلو نه رهيو آهي. جي اوهان جو بلاگر تي بلاگ نه آهي ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي بلاگنگ سکيا واري فورم تي ڦيرو ڀري بلاگ ٺاهڻ ۽ اُن ۾ سنڌي ٽيمپليٽ لڳائڻ بابت ڄاڻي سگهجي ٿو.

ورڊپريس تان ڊيٽا ڊائونلوڊ ڪرڻ


 ورڊ پريس جي ڊيش بورڊ ۾ ٽولز جي اندر ايڪسپورٽ جوآپشن ڪلڪ ڪريو. جيئن هيٺين تصوير ۾ ڄاڻايل آهي.

مٿين تصوير ۾ ٻه ايڪسپورٽ آپشن ڏنل آهن جنهن مان مفت وارو يعني ايڪسپورٽ تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ اوهان هيٺ ڏنل اسڪرين تي پهچندئو.











تنهن کان پوءِ آل ڪنٽينٽ جو آپشن سليڪٽ ڪري ڊائونلوڊ ايڪسپورٽ فائل تي ڪلڪ ڪري ڊاٽ ايڪس ايم ايل فائل ڊائونلوڊ ڪري وٺو. هي اُها فائل آهي جنهن ۾ اوهان جون ورڊپريس تي موجود سڀ لکڻيون ۽ ڪمينٽس موجود آهن. چاهيو ته هن فائل کي ڪنهن محفوظ هنڌ تي به ڪاپي ڪري ڇڏيو.

نوٽ: جيڪڏهن اوهان جي ورڊپريس بلاگ تي لکڻين (بلاگ پوسٽن) جو تعداد 15 کان گهٽ آهي (ڇاڪاڻ جو بلاگر اِنکان وڌيڪ هڪ دفعي ۾ لکڻيون امپورٽ نه ڪندو) ته اوهان کي فائل کي حصن ۾ ورهائڻ جي ضرورت نه آهي ۽ توهان ورڊپريس ڊيٽا فائل کي ورهائڻ واري حصي کان اڳتي ورڊپريس ڊيٽا فائل کي بلاگر لاءِ ڪنورٽ ڪرڻ واري سيڪشن کان پڙهو.

ورڊپريس جي ڊيٽا فائل کي حصن ۾ ورهائڻ:


ڊائونلوڊ ٿيل ڊاٽ ايڪس ايم ايل فائل کي نوٽپيڊ ۾ کوليو. ڪنٽرول + ايف پريس ڪري <item> جو لفظ ڳولهيو. هڪ دفعو فائنڊ نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان وٽ پهرين ميچنگ هائيلائيٽ ٿيندي. هاڻي <item> جي شروع ۾ (هيٺين تصوير مطابق ٻڌايل جاءِ تي) ڪرسر رکو.
هاڻي اُن جاءِ تي ڪنٽرول + شفٽ + هوم جوبٽڻ دٻايو. ايئن ڪرڻ سان اوهان جي ايڪس ايم ايل فائل جو شروعاتي حصو (هيڊر) سليڪٽ ٿي ويندو. هاڻي ڪنٽرول + ايڪس دٻائي اُنکي ڪٽ ڪري وٺو (هيٺ ڏنل تصوير مطابق)





















هاڻي اسٽارٽ مينو مان نئون نوٽپيڊ کوليو. ۽ اُن ۾ ڪٽ ٿيل مواد (هيڊر) پيسٽ ڪريو. هاڻي اُن جي آخر ۾ ڪجهه ڀيرا انٽر دٻائي </channel></rss> لکو. ۽ فائل جي مينو مان Save As جو آپشن سليڪٽ ڪري UTF-8 فارميٽ ۾ بطور ٽيمپليٽ فائل طور محفوظ ڪريو جيئين هيٺ تصوير ۾ ڏنل آهي. هاڻي هي هڪ اهڙو فائل آهي جنهن ۾ ورڊپريس جو هيڊر ۽ فوٽر وارو حصو آهي.






















 هاڻي واپس اچو اُن فائل تي جيڪو فائل توهان ڊائونلوڊ ڪيو هُيو اُن مان توهان هيڊر ته پهريانئين ڪٽ ڪري چڪا آهيو باقي اُن ۾ فوٽر وڌيڪ آهي. هاڻي اُنجو فوٽر جيڪو بلڪل آخر ۾ آهي ۽ صرف </channel> </rss> آهي کي ڊاهي (ڊليٽ) ڇڏيو(نوٽ: هي اُهوئي فوٽر آهي جيڪو اسان ٽيمپليٽ فائل ۾ لکيو هيوسين). هاڻي باقي جيڪا اسان وٽ فائل بچي اُها هڪ آئيٽم نالي ٽيگ (يعني <item> ) کان شروع ٿئي ٿي ۽ هڪ ڪلوز آئٽم نالي ٽيگ (يعني <item/> ) تي ختم ٿئي ٿي. پر هي فائل آهي هي آئٽمن ۾ ورهايل اِن ۾ موجود پوسٽون آئٽم ٽيگ کان شروع ٿين ٿيون ۽ ڪلوز آئٽم نالي ٽيگ تي ختم ٿين ٿيون. هاڻي اوهان کي اِن مان 15 يا اُن کان گهٽ آئٽم ڪٽ ڪري ٽيمپليٽ فائل جي وچ ۾ خالي جا۽ ۾ (جتي اسان ڪجهه ڀيرا انٽر ڪيو هيوسين) رکڻا آهن. اِن ڳالهه جو خاص خيال رکو ته ڀلي اوهان ڪيترا به آئٽم ڪاپي ڪريو پر اوهان جي سليڪشن لازمي طور تي ;<item> کان شروع ٿئي ۽ <item/> تي ختم ٿئي (۽ اِهي ٻئي ٽيگ به سليڪشن ۾ شامل هجن). جئين هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگن ذريعي سمجهايل آهي.






















 هاڻي ڪجهه آئٽم ڪٽ ڪريو ۽ واپس اچو ٽيمپليٽ فائل تي اُن ۾ هيٺ ڄاڻايل جاءِ (جتي اوهان پهريان ڪجهه ڀيرا انٽر ڪيو هو) تي پيسٽ ڪريو.

 ڪجهه آئٽمس پيسٽ ڪرڻ کانپوءِ اُن فائل کي Save As ڪري wp1.xml نالي سان محفوظ ڪري وٺو. توهان جي ورڊپريس جي پوسٽس جو پهريون حصو تيار آهي. هاڻي باقي بچيل ورڊپريس ڊيٽا فائل مان ڪجهه وڌيڪ آئٽم ساڳي طريقي سان ڪٽ ڪري ٽيمپليٽ فائل ۾ ساڳي جاءِ تي پيسٽ ڪري wp2.xml سان محفوظ ڪري وٺو. ايئن جيترا به چاهي ٻه ٽي يا چار يا اڃان وڌيڪ حصا ٺاهيو ته ٺاهي سگهو ٿا. ايسيتائين حصا ٺاهيو جو اوهان جي ڊيٽا فائل ڪٽ ٿي ٿي ڪري خالي ٿي وڃي. هاڻي هر فائل کي هيٺ ڄاڻايل طريقي مطابق ڪنورٽ ڪري وٺو.

ورڊپريس جي ڊيٽا فائل کي بلاگر لاءِ ڪنورٽ ڪرڻ.


پنهنجي برائوزر ايڊريس بار http://wordpress2blogger.appsoft.com لکو يا هتي ئي ڪلڪ ڪريو.

هيٺ ڏنل تصوير مطابق ورڊپريس جو ايڪس ايم ايل ڊيٽا فائل سليڪٽ ڪيو (جي اوهان فائل کي حصن ۾ ورهايو آهي ته انهن مان ڪو به فائل کڻو). نوٽ: هڪ ايم بي کان وڏا ڊيٽا فائل هن سائيٽ تي ڪنورٽ نه ٿيندا جي اوهان وٽ وڏو فائل آهي ته اُنجا حصا مٿي ڄاڻايل طريقي مطابق ڪري وٺو، جيڪي پڻ هڪ ايم بي کان ننڍا هجڻ گهرجن.

 ڪنورٽ جو بٽڻ دٻائي بلاگر ۾ امپورٽ ٿيڻ لاءِ تيار فائل ڊائونلوڊ ڪري وٺو. جي اوهان فائل کي حصن ۾ ورهايو آهي ته هر حصي کي ساڳئي طريقي سان الڳ الڳ ڪنورٽ ڪري ڊائونلوڊ ڪريو.

بلاگر ۾ ڊيٽا کي امپورٽ ڪرڻ:


بلاگر جي سيٽنگس ۾ Other جو آپشن سليڪٽ ڪريو ۽ اُن ۾ Import blog جو آپشن سليڪٽ ڪريو.
















 هاڻي ڪنورٽ ٿيل ايڪس ايم ايل فائل سليڪٽ ڪريو ۽ ڪوڊ داخل ڪري Import blog جو بٽڻ دٻئي ڊيٽا امپورٽ ڪري وٺو.















 امپورٽ ٿيڻ کانپوءِ برائوزر کي ريفريش ڪريو (يا ريلوڊ جو بٽڻ دٻايو) هاڻي پوسٽس جي اندر امپورٽيد جوٽيگ به نظر ايندو. انهن پوسٽس کي سليڪٽ ڪري پبلش جو بٽڻ دٻائڻ سان سموريون سليڪٽ ٿيل پوسٽس بلاگر تي آن لائين ٿي وينديون. (حصيوار فائل ٺاهڻ وار ائين هر هڪ حصي کي امپورٽ ڪندا وڃن)

Say Goodbye to Wordpress


هاڻي پنهنجي پراڻي ورڊپريس بلاگ تي هڪ گڊ بائي ميسيج (ڀلي انگريزيءَ ۾ هجي ته ڀلي ورڊپريس وارن کي خبر پوي) رکو ته اوهان جو بلاگ ورڊپريس تي سنڌي سپورٽ نه هجڻ جي ڪري بلاگر وارن جي نئي ٺاهيل گهر ۾ لڏي ويو آهي جتي هو تمام خوش آهي ۽ اُتي پنهنجي بلاگر بلاگ جي لنڪ به رکي ڇڏيو ته جيئن نون ايندڙن کي به خبر پوي. ۽ جي مون ناچيز جي هن پوسٽ جو حوالو ڏئي ڇڏيندئو ته واه واه ؛ من توهانجي ڪري ڪنهن ٻئي کي به دڳ ملي وڃي ۽ اُنجو بلاگ به اوهانجي بلاگ وانگر خوبصورت ٿي وڃي.

احمد علي مڱريو

06 ڊسمبر 2012

7 comments:

  1. سنڌيءَ ۾ اهڙو ڪارائتو سونهون جوڙڻ لاءِ اوهان جا اسان تي لکين وڙ
    علي حسن ملاح
    ڄامشورو
    www.indusilicon.com
    +923003440426

    ReplyDelete
    Replies
    1. محترم علي حسن ملاح سائين ڀلي ڪري آيا،
      پسند ڪرڻ جا لک ٿورا

      Delete
  2. زبردست.... وڏي محنت & رسرچ ڪئي آهي اوهان. ورڊ پريس جو بلاگ پنهنجي خريد ڪيل هوسٽنگ تي هي بهتر آهي.

    ReplyDelete
    Replies
    1. مهرباني سائين سجاد علي

      Delete
  3. سائين سولي سنڌي ۾ ان کان وڌيڪ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنيڪل ڳالهين کي ڪوٻه سمجهائي نه ٿو سگھي. مان ته سائين اوهان جو تهان وڌيڪ ٿورائتو آهيان جو اوهان جيڪي ڪجھ پنهنجي هن بلاگ ۾ لکيو آهي، مفت ۾ ساڳيو ڪم مون جهڙي منجھيل ماڻهونءَ کي ڪري به ڏنو آهي.

    ReplyDelete
    Replies
    1. مهرباني سائين، سمجهائڻ جي معاملي ۾ اسانکان به وڏا استاد پيا آهن.

      Delete
  4. ڏاڊي سٺي محنت آهي. اوهان جي محنت سنڌي ۾ بلاگنگ کي اضافو ڏيندي.

    ReplyDelete