هڪ سٺو بلاگ ڇا آهي؟

اصل ۾ ڪا هڪ شئي بلاگ کي مڪمل سٺو نه ٿي بڻائي سگهي، پر ڪيتريون ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ملي ڪري ڪنهن بلاگ کي ڪاميابيءَ جي طرف وٺي وڃن ٿيون. جن مان ڪجهه هي آهن.

پهرين هڪ نظر سنڌ سلامت جي بلاگنگ سکيا فورم تي.

بلاگ جو نالو هڪ بهتر عنوان هجي.

بلاگ تي لکيل مواد بلاگ جي عنوان مطابق هجي نه ڪي ائين ٿئي جو پڙهڻي هجي شاعري ۽ ”زخمي شاعر جي شاعري“ نالي سان بلاگ کوليون ته پي ايڇ پي ۽ جاوا پروگرامنگ تي مضمون ڀريا پيا هجن. بهتر آهي ته شروعات پنهنجي نالي واري بلاگ سان ڪريو پوءِ لکندا رهو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ جائزو وٺو ته اوهان ڪهڙي صنف ۽ فيلڊ جي باري ۾ تمام گهڻو لکي رهيا آهيو پوءِ پنهنجي بلاگ جو نالو رکو. پر ياد رکو پنهنجي بلاگ جو نالو بار بار تبديل نه ڪريو نه ته اوهان جي بلاگ جو ڪو هڪ نالو پڙهندڙن جي ذهن ۾ نه رهندو.

جيڪي به لکو پنهنجي طرفان لکو.

جيترو به ٿي سگهي پنهنجي طرفان ۽ پنهنجن لفظن ۾ لکو. اها نواڻ پڙهندڙن کي اوهان طرف اتساهي ٿي. ۽ اهو عمل اوهان ۾ نيون صلاحيتون اڀاري ٿو. ڪڏنهن به ڪاپي پيسٽ نه ڪريو. جيسيتائين ٿي سگهي ان شئي کان بچو ڇاڪاڻ جو اها شئي توهان جي بلاگ طرف ايندڙن کي مستقل روڪي ٿي. انٽرنيٽ تي جيڪا شئي پهريان ئي موجود آهي ته بهتر آهي ته انجي لنڪ شيئر ڪريو يا ريفرنسنگ جو معياري طريقو اختيار ڪريو. ٻين لکڻين مان حوالو ڏيو ته ڪوٽيشن مارڪ ضرور استعمال ڪريو ۽ پيرا جي هيٺيان لنڪ جو حوالو به ڏيو. لنڪ ڏيڻ جو اهو به فائدو آهي ته سرچ انجڻ کي سولائي ٿئي ٿي ته اوهان جو مواد ڪهڙين شين جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهي. ڊگهين تحريرن کي پهرين پيراگراف کانپوءِ ”وڌيڪ پڙهو“ جو ڪوڊ لڳايو. اهو ڪوڊ لڳائڻ سان اوهان جي بلاگ جي پهرين صفحي تي ئي پڙهندڙ ڪيترين ئي لکڻين جو تت سمجهي پنهنجي پسند جي تحرير تي ”وڌيڪ پڙهو“ تي ڪلڪ ڪندو ۽ هو جڏهن تحرير پڙهي پوري ڪندو ته اڳ ۾ ئي موجود رايا ڏسي به سگهندو ۽ هو به پنهنجي راءِ جلد ڏئي سگهندو.


ٻوليءَ جو استعمال

ٻولي صاف ۽ هر ڪنهنکي سمجهه ۾ ايندڙ استعمال ڪريو. ۽ تحرير ۾ شگفتگي ۽ شائستگي هجي. جي ڪٿي مثال ڏيڻا هجن ته مختصر ۽ وڻندڙ ڏجن، لفظن جي چونڊ جي چڪر ۾ پوڻ جي بجاءِ سڌا، سادا ۽ دلچسپ لفظ استعمال ڪجن. پنهنجي تحرير جي آخر ۾ پنهنجا وڌيڪ نوان خيال پيش ڪجن يا وري مواد متعلق ڪو سوال ڇڏجي ته جئين پڙهندڙ کي جواب ڏيڻ جو شوق پيدا ٿئي. پبلش ڪرڻ کان اڳ تحرير Preview ڪيو. گرامر ۽ اسپيلنگ جون غلطيون تصحيح ڪريو. ڪنهن غلطيءَ جي صورت ۾ تحرير کي هڪدم صحيح ڪري ۽ اپڊيٽ ڪريو. جي اوهان بلڪل لکاري نه آهيو ته شروعات ۾ ننڍين ۽ مزاحيه تحريرن کان شروعات ڪريو. پر ڪجهه تجربي حاصل ڪرڻ کانپوءِ جنهن به صنف تي طبع آزمائي ڪرڻ تي دل چوي ته ضرور ڪريو. اوهانکي انٽرنيٽ تي هر قسم جون تحريرون ۽ انهن جا پڙهندڙ ملي سگهن ٿا. پر اها ڳالهه ذهن ۾ هجي ته انٽرنيٽ تي اوهانجي سنڌي بلاگ پڙهندڙن جو رايو يا گهرج ڪهڙي آهي؟


برادريءَ ۾ اٿ ويهه ضرور ڪريو

جي توهان پاڻ بلاگ لکندڙ آهيو ته ٻين بلاگن تي رايا ڏيڻ سان اوهانجو پنهنجو بلاگ پروفائيل به اُهو بلاگ پڙهندڙن جي اڳيان اچي ٿو. نون بلاگن تي تبصرن ڏيڻ سان بلاگ لکندڙ کي اڃان وڌيڪ ۽ سٺو مواد لکڻ جو حوصلو ملندو آهي. جيترو ٿي سگهي بلاگ اگريگيٽرن يا ٻين ريسورسس تي وڌ کان وڌ رجسٽريشنس حاصل ڪريو. ٿي سگهي ته بلاگ جي عنوان مطابق فيس بوڪ پيج ۽ ٽوئٽر اڪائونٽ به ٺاهي ڇڏيو.

بلاگ جاذب نظر هجي.

جيڪڏنهن بلاگ تي غيرضروري مواد، اشتهار، اينيميشنس ۽ سائيڊ بار ۾ حد کان وڌيڪ شيون هونديون ته انهن شين جي پٺيان اوهان جو اصل بلاگ جو مواد ۽ مقصد لڪي ويندو. ۽ ڏسندڙ جي دلين ۾ اوهانجو بلاگ ڪا جاءِ نه ٺاهي سگهندو. جيترو ٿي سگهي غير متعلقه شين (وجيٽس) کي بلاگ تي نه رکو. ٿي سگهي ته هر لکڻيءَ سان هڪ ترجماني ڪندڙ تصوير به لڳايو، مثال طور اوهان ڪنهن شهر جو ذڪر ڪري رهيا آهيو ته اُن شهر جي ڪا بلڊنگ يا ڪنهن شخصيت جو ذڪر ڪريو ٿا ته اُنجي تصوير، جي تصوير موجود نه آهي ته هروڀرو ڪا غير متعلقه تصوير لڳائڻ ضروري نه آهي. هيٺين تصوير ۾ هڪ غير جاذب نظر بلاگ موجود آهي.


توهان جي هڪ آن لائين ساک به آهي.

اوهان مڃيو يا نه مڃيو اوهانجي هڪ آن لائين ساک يا ڪارپت يا ريپيوٽيشن به آهي. اِها ساک وقت سان گڏوگڏ اوهانجي رويي تي به دارومدار رکي ٿي. جيڪو به اوهان جي بلاگ تي ڪمينٽ ڪري ان سان هڪ پنهجائپ وارو رويو رکو. ڪوشش ڪري هر ڪمينٽ جو هڪ مناسب ۽ صاف ٻوليءَ ۾ ۽ وقت سر جوابي ڪمينٽ ضرور ڏيو.

احمد علي مڱريو

04 ڊسمبر 2012

14 comments:

  1. سائين تمام بهترين ۽ مفيد ڄاڻ آهي ۽ توهان هڪ وقتائتي پيش رفت ڪئي آهي

    ReplyDelete
    Replies
    1. شعيب سائين اوهانجا لک ٿورا، مونکي خوشي ٿيندي جڏنهن اوهان به اسانجي هن ڪم ۾ مدد ڪندئو.

      Delete
  2. سائين بهترين هڪ سٺي بلاگ بابت سٺي نموني سان سمجھايل آهي.

    ReplyDelete
    Replies
    1. ادا جميل احمد اول ته آئون اوهانکي هن بلاگ جو ڦيرو ڀرڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو. اوهان جي پسنديدگيءَ منهنجي لاءِ اتساهيندڙ آهي.

      Delete
  3. بلاگ کي خوبصورت بنائڻ جي تفصيلي ونڊ...
    يقينن انهن ڳالهين تي عمل ڪندي اسان جا بلاگر دوست پنهنجي بلاگز کي خوبصورت بنائڻ سان گڏو گڏ معياري به بڻائيندا.. ائين فيس بوڪ پروفائيل ٺاهيندڙن کي پنهنجو پنهنجو بلاگ به ٺاهڻ جو شوق جاڳندو... اها ئي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اصل منزل آهي...

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين رشيد سمون مونکي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي جو اوهان هن غريب خاني تي پنهنجا پير گهمايا. هي پوسٽ ۽ هي بلاگ اصل ۾ اوهانجي ڪري ئي وجود ۾ آيا آهن. چوندا آهن ته اصل خوبصورتي ته ڏسندڙ جي اک ۾ هوندي آهي. اوهانکي منهنجي هي ننڍڙي ونڊ پسند آئي اوهانجي مهرباني. پر سائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اصل منزل اڃان اڳتي آهي.

      Delete
  4. محترم احمد علي مڱريو صاحب سلام

    اوهان جو ڳالهيون پڙهيم، تمام سٺو لڳو. خاص ڪري اسان جهڙن سيکڙاٽن لاء انتهائي ڪارائتيون ڳالهيون لکيون اٿو.

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين سليمان وساڻ صاحب کي وعليڪم السلام

      توهان کي مون ناچيز جون ڳالهيون وڻيون مونکي ڏاڍي خوشي ٿي.

      Delete
  5. بهترين! نون بلاگرن، خاص طور تي سنڌي بلاگرن لاءِ انتهائي ڪارآمد تحرير آهي. مون وٽ لفظ ناهن تعريف لاءِ.. پليز.. لکندا ڪريو .. مسقل مزاجي سان.

    ReplyDelete
    Replies
    1. ادا سجاد علي لکڻيءَ کي پسند ڪرڻ تي مهرباني. انشاءالله ڪوشش ڪندس ته جيڪو رب جي ڏني مان ملندو وڃي سو سنگت سان ونڊيندو هلجي.

      Delete
  6. مونکي ياد ٿو اڇي ته مون جڏهن شروع شروع ۾ بلاگ لکڻ جي شروعات ڪئي ته بلاگ جو نالو رکيو هئوسجاد جو بلاگ... پوء احساس ٿيو ته منهنجي پنهنجي ته ڪا به تحرير ڪانه آهي. ان ڪري بلاگ جو نالي اليڪٽرانڪ اوطاق... يعني اِي اوطاق رکي ڇڏيم. جيئن ته مون پنهنجي بلاگ جي مشهوري سجاد جو بلاگ جي نالي سان ئي ڪئي هئي جنهن جي ايڊريس هئي
    sajjad224.blogspot.com
    ظاهر آهي ته بلاگ جو عنوان مٽائڻ کان پوءِ بلاگ جي ايڊريس به مٽائڻ ضروري هئي، سو، بلاگ جي نئين ايڊريس رکيم اها آهي.
    e-otaq.blogspot.com

    هاڻي مسئلو اهو هئو جو جن جن دوستن کي پراڻي ايڊريس يعني سجاد جو بلاگ واري بلاگ ايڊريس ڏني هئم انهن کي سخت بيزاري پئي ٿي. ان جو حل اهو ڪڍيم جو پنهنجي پراڻي بلاگ يعني sajjad224.blogspot.com کي e-otaq.blogspot.com ۾ مٽائڻ کان پوءِ هڪ ٻيو بلاگ ٺاهيم جنهن جي ايڊريس پراڻي بلاگ واري رکيم يعني sajjad224.blogspot.com. انهي بلاگ جي ٽيمپليٽ جي سيٽنگ ۾ Edit HTML واري سيڪشن ۾ HEAD واري ٽيگ کان پوءِ هيٺين ڪوڊنگ رکيم جنهن جي ڪري انهي بلاگ منهنجي نئي نالي واري بلاگ يعني ”اي اوطاق“ وار بلاگ ڏانهن ري.ڊاريئڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
    (meta HTTP-EQUIV="REFRESH" content="0; url=http://e-otaq.blogspot.com/" )

    ---
    هاهاها يار معاف ڪجو اوهان جي بلاگ پراڻي ياد تازا ڪري ڇڏي & تحرير ڪجهه ڊگهي ء بورنگ ٿي وئي..

    ReplyDelete
    Replies
    1. توهان هڪ سٺي مسئلي طرف ڌيان ڇڪايو آهي. توهان پنهنجي حساب سان جيڪو ڪيو سو ٺيڪ ڪيو پر منهنجي خيال مطابق اوهان پراڻي بلاگ ايڊريس تي ريڊائريڪٽ هڻڻ جي بجاءِ اتي هڪ پوسٽ نوٽيس جي شڪل ۾ لکي ڇڏيو ها ته هي بلاگ هاڻي هڪ نئي ايڊريس (لنڪ سميت) تي منتقل ٿي ويو آهي. ايئن ڪرڻ سان پراڻا ڏسندڙ پنهنجي مرضيءَ سان نئي ايڊريس تي اچن ها ۽ بعد ۾ پراڻي ايڊريس تي نه اچن ها. پر هاڻي هو نئي ايڊريس ياد ڪرڻ جي ڪا زحمت نه ڪندا ۽ اوهان کي هميشه پراڻي ايڊريس جي ضرورت پوندي رهندي.

      Delete
    2. اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهي پر اوهان ته اڄڪلهه جي انٽرنيٽ جي استعمال ڪندڙن جي مزاج کان ڀلي ڀت واقف آهيو. بهرحال اوهان جي صلاح به سٺي آهي.

      Delete
  7. سائين ذبردست سائين مون به بلاگر ٺاهيو آهي پر ٿورو سمجه ۾ نٿو اچي

    ReplyDelete