ٺيڪيدار ڇا آهي؟

پيارا ٻارو، ٺ ٺوٺ سان ٺيڪيدار يا انگريزيءَ ۾ ڪانٽريڪٽر اُنکي چئبو آهي جيڪو توهان سان وچن ڪري ته جيڪڏهن مون توهان جو ڏنل ڪم توهانجي شرطن مطابق پورو ڪيو ته اُنکي اُنجو طئي ٿيل معاوضو ڏنو ويندو. اسان وٽ جيڪو جنهن شعبي جا ٺيڪا کڻندو آهي اُهو اُن شعبي جو ٺيڪيدار سڏائيندو آهي. مثال طور روڊ جا ٺيڪا کڻندڙ روڊن جو ٺيڪيدار ٿيو ۽ ائين بلڊنگن جا ٺيڪا کڻندڙ کي بلڊنگن جو ٺيڪيدار ڪري سڃاتو ويندو آهي. انهن قسمن کان علاوه اسان جي هن پياري پاڪستان ۾ ٻين به ڪيترن ئي قسمن جا ٺيڪيدار هوندا آهن ، اڄ اسين انهن مان صرف چند جو ذڪر ڪنداسين.

تعليم جا ٺيڪيدار:

هي ٺيڪيدار عام طور تي اوهانکي ڪنهن پرائيويٽ اڪيڊميءَ، يونيورسٽي يا ڪنهن بورڊ آفيس جي دروازن تي ڪنهن بکايل شڪاريءَ جهڙي شڪل ۾ لڌا ويندا آهن. هي اوهان جي سڄي تعليم گهر ويٺي مهيا ڪرڻ جون ذميواريون بخوبي ادا ڪرڻ ڄاڻيندا آهن. بورڊ ۾ داخلا هجي يا مارڪن جو مسئلو يا ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو مسئلو هجي هي اوهان کي اوهان جي ڪاميابيءَ جي ڪنجي يعني هڪ عدد ڊگري (معاف ڪجو هڪ نه بلڪه ٻه چار يا ڇهه دگريون به) اوهان کي گهر ويٺي پهچائي سگهن ٿا. اڄڪلهه هي يونيورسٽي جي پرائيويٽ ڊگرين مان تمام گهڻو خوش ۽ ايڻ ٺي ايش نالي هڪ اداري سان ڪجه گهڻا چڙيل آهن.

نوڪرين جا ٺيڪيدار:

هي ٺيڪيدار عام ۾ گهٽ ۽ خواص ۾ گهڻا ڏٺا ويندا آهن. عام طور تي پاڻ کي ڪنهن منسٽر يا ڪنهن وڏي صاحب جو ننڍو يا وڏو منشي چورائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن ۽ گهڻو ڪري غريب سان هٿ ملائڻ پنهنجي بيعزتي سمجهندا آهن. ها باقي جي اوهان وٽ رب جو ڏنو ايترو آهي جو اوهان ڪا نوڪري خريد ڪري سگهو ٿا ته اوهان جي ڪاغذن کي اهڙا ڦيٿا هڻي ڇڏيندا آهن جو اُهي ڪاڳر نوڪريءَ جي پڪي آرڊر کانسواءِ نه موٽندا آهن.

مذهب جا ٺيڪيدار:

هي ٺيڪيدار عام طور تي اوهان کي ڪنهن جلسي ۾ يا ڪنهن ريليءَ کي خطاب فرمائيندي نظر ايندا آهن. هنن جو هڪ هڪ جملو وزندار ۽ پٿر تي ليڪ جي برابر هوندو آهي. هنن جو گهڻو زور پنهنجي هٿ ٺوڪي ڳالهه پنهنجن شرطن تي مڃرائڻ تي هوندو آهي ها البته اوهان جي ”تعاون خصوصي“ ڪيو ته اوهان لاءِ انهن سخت شرطن اندر پوءِ به گنجائش نڪري پوندي آهي.

روشن خياليءَ جا ٺيڪيدار:

هي ٺيڪيدار اڪثر ڪري ڪنهن سيمينار شريف ۾ يا ڪنهن احتجاج ۾ شرڪت ڪندي لڌا ويندا آهن. هي روشن خيال هجڻ جو سرٽيفيڪيٽ عام طور تي اوهانجي چهري جا وار ماپي پوءِ ڏيندا آهن. هي به مذهب جي ٺيڪيدارن وانگر زورآور مڙس هوندا آهن ۽ ”تعاون خصوصي” ملڻ تي اوهانکي نه صرف سرٽيفيڪيٽ بلڪه اُنکي مشتهر ڪرڻ جو فرض به بخوبي انجام ڏيندا آهن.

ته ٻارو اڄ اسين ڪجهه ٺيڪيدارن جون قسمون مشاهدي هيٺ آنديونسين. انشاءالله ايندڙ ڪلاس ۾ ڪجهه نيون شيون سکنداسين.

احمد علي مڱريو

02 ڊسمبر 2012

6 comments:

  1. بهترين ادا.. مونکي خبر ناهي هن تحرير جي قسم / صنف کي ڇا چئبو آهي پر. اوهان جي تحرير تمام گهڻي پسند آئي.

    ReplyDelete
    Replies
    1. ادا سجاد علي اول ته آئون توهان کي هن بلاگ تي اچڻ تي ڀليڪار ڪيان ٿو. اوهان کي لکڻي پسند آئي اهو منهنجي لاءِ باعث اعزاز آهي، ها باقي صنف مون پاڻ کي به خبر ڪونهي ته ڪهڙي آهي.

      Delete
  2. اوهان جا خيال ۽ اوهان جو انداز وڻيو. معاشري جي اهڙن ڪردارن جي بهتر انداز سان اوهان وائکو ڪيو

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين سليمان وساڻ مان اوهان جو هن اڱڻ تي هلي اچڻ تي ۽ لکڻيءَ کي پسند ڪرڻ تي اوهانجو شڪرگذار آهيان.

      Delete
  3. منهنجي خيال سان اها صنف تنظ مزاح جي آهي سائين تمام بهترين لکڻي آهي ۽ تمام سٺو پيخام سمايل آهي

    ReplyDelete
    Replies
    1. سائين شعيب ميمڻ آئون توهان جو هن بلاگ تي اچڻ تي آڌرڀاءُ ڪريان ٿو. ۽ توهانجي هن لکڻيءَ جي تعريف ڪرڻ تي خوش ٿي رهيو آهيان. منهنجي پنهنجي خيال مطابق به هي لکڻي طنز و مزاح جي صنف ۾ اچي ٿي.

      Delete