سنڌي ڇا آهي؟

ڇا سنڌي بيوقوف آهي؟

 جنهن قوم وٽ شاهه ڀٽائي جهڙو آفاقي شاعر هجي ۽ اُن شاعر جي شاعري انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ سمايل هجي . جنهن قوم وٽ نه صرف شاه ڀٽائي پر اُن جي هر وستي ۽ واهڻ ۾ سگهڙ، هنرمند، شاعر، صوفي ۽ عالم هجن اُها قوم ڪيئن بيوقوف ٿي سگهي ٿي؟. جنهن قوم پنج هزار سال پهريائين ڦيٿو ايجاد ڪيو هجي ۽ جنهن قوم جو هر دور ۾ ٻين قومن سان واسطو پوءِ کڻي اُهو وڻج واپار جي شڪل ۾ هجي يا جنگين ۽ يلغارين جي شڪل ۾ رهيو هجي اُها قوم ڪيئن بيوقوف ٿي سگهي ٿي. منهنجو والد صاحب چوندو آهي ته هي جيڪو سنڌو درياهه آهي اِن جي پاڻي پيئڻ وارو ٻين کان عقل ۾ ڪجهه سرس ئي ثابت ٿيو آهي. اها خاصيت هن مطابق سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌيءَ کي بيوقوف سمجهڻ وارو پاڻ وڏو بيوقوف آهي.

ڇا سنڌي ذهني غلام آهي؟

ذهني غلام اهو ماڻهو چئبو آهي جيڪو هجي ته غلام پر اُنکي خبر نه هجي ته مان غلام آهيان. جيڪڏنهن ڪو سنڌ جي تاريخ تي ٿوري به نظر ڦيرائي ته کيس اندازو ٿي ويندو هر جنگ ۾ سنڌي جوڌو پهرين ته هر ايندڙ حملي آور سان وڙهندو آهي پوءِ جيڪي ڪراڙا بچندا آهن اُهي پنهجو هنر ۽ حرفت ڌارين کان لڪائي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪندا آهن ۽ انهن جون مائرون ۽ شاعر ايندڙ نسل کي اهڙيون لوريون ۽ نظمون ڏيئي ويندا آهن جيڪي انهن کي ڌارين جي ذهني حملن کان محفوظ رکنديون آهن. ۽ پوءِ ڌاريا انهن جي انهيءَ نفسياتي جنگ ۾ مار کائي هن قوم ۾ ئي ضم ٿي ويندا آهن. آئون باوجود شهر ۾ ڄمڻ ۽ پڙهڻ جي روزگار سانگي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي رهڻ ۽ رات جي وقت ڳوٺاڻن جي ڪچهرين ۾ ويهڻ جو ذاتي تجربو رهيو آهي . انهن ۾ جيڪي غريب هوندا هئا انهن جي حالت زار ڏسي رحم ايندو هو پر جڏهن دل جو ڳالهيون کوليندا هئا ته انهن جي اندر ۾ تر جي ظالمن خلاف ڪاوڙ جو هڪ وڏو سمنڊ هوندو هو. پر پوءِ به چوندا هئا ته ”ابا جيڪو پاءُ اٽي جو کائي ٿو اهو سمجهي سڀ ٿو. پر اسان غريبن جي جاءِ ناهي انهن ظالمن سان پڄڻ جي.”  انهن ڳالهين کي ٻڌي منهنجي ذهن جي ڪنڊ مان آواز ايندو هو اڃان هن قوم مان دل نه لاهه اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي. تڏهن مون سمجهيو ته سنڌي جسماني طور تي ڀلي سئو زنجيرن ۾ ٻڌل هجي پر هنجي ذهن کي فتح ڪرڻ ناممڪن آهي. پنهجيءَ تي اچي ته ڪڏهن به آڻ نه مڃيندو ۽ جي مصلحت تي اچي ته هر شئي بخشي ڇڏيندو.

پر پوءِ به سنڌي پوئتي ڇو آهي؟

باوجود آزاد دماغ ۽ وسيع لوڪ ڏاهپ رکڻ جي پوءِ به سنڌي پٺتي پيل ڇو آهي؟ گهڻي ويچار کانپوءِ مونکي هڪ ئي جواب ذهن ۾ اچي ٿو ته هڪ جيڪو ڪجهه سنڌين وٽ هيو اُهو ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي ۽ ٻيو اِهو ته انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ڄاڻي ٻجهي پوئتي ڌڪيو ويو آهي. ان جو ڇا حل هجڻ گهرجي اهو ته مونکي خبر ناهي پر اتي مونکي هڪ سنڌي پهاڪو ياد اچي ويو “گاهي بکئي جو بکيو، ٻني سائي جي سائي” يعني چور سدائين سڃو ۽ ڀاڳيو سدائين ستابو رهندو آهي. بهرحال منهنجي پنهنجي ذاتي خيال ۾ سنڌي هر جاءِ تي پنهنجي حقن لاءِ هڪ اعصابي جنگ وڙهي رهيو آهي.

احمد علي مڱريو

30 نومبر 2012

2 comments:

  1. سائين مان اوهان جي ڏاهپ ڀريل ڳالهين کان تمام گھڻو متاثر ٿيو آهيان ۽ اوهان سان سڀني ڳالهين ۾ متفق آهيان. منهنجا وڏڙا به ڪنهن ڌارئين ديس کان هتي آيا هيا پر سنڌو جي ان ميرانحهڙي پاڻي ۽ سنڌي ماڻهن جي تهذيب ثقافت ۽ روين ڪري اڄ مان ۽ منهنجا سمورا ذات ڀائي سنڌي سڌائيندي فخر ڪيون ٿا. ڀٽائي اسان جو مرشد ئي ناهي پر اهو اسان جورهبر به آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته اهڙين ڳالهين کي عام ڪجي ۽ من اندر جون ڳالهيون لوڪن تائين پهچائجن مون کي اميد آهي ته هي جيڪو نيڪ ڪم اوهان شروع ڪيو آهي اهو جاري رکندا. مان هاڻي تڪڙ ۾ آهيان وڌيڪ تفصيلي ڪمينٽ بعد ۾ لکندس...اميرگل ڪٽوهر

    ReplyDelete
    Replies
    1. محترم امير گل ڪٽوهر سائين اول توهان کي پنهنجي بلاگ تي اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو.
      ااوهان جا لک ٿورا جو اوهان منهنجي هن حقير ڪوشش کي پنهنجن لفظن ذريعي مان ڏنو.
      مونکي توهانجي تفصيلي ڪمينٽ جو انتظار رهندو.

      Delete